Focus with Zardari

قلات: اين 25 تي دهشتگردن جي چيڪ پوسٽ قائم ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام، 5 دهشتگرد مارجي ويا

1 Min Read

قلات (ويب ڊيسڪ) سيڪيورٽي فورسز قلات ويجهو اين 25 تي شهرين جي اچ وڃ ۾ خلل وجهڻ جي دهشتگردن جي ڪوشش ناڪام بڻائيندي 5 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو. آءِ ايس پي آر موجب فورسز وقتائتي ڪارروائي ڪري دهشتگردن جي ٺڪاڻن مان 23 مغوين کي حفاظت سان بازياب ڪرائي ورتو.

آءِ ايس پي آر موجب دهشتگردن اغوا، ڀتا خوري ۽ گاڏيون ڦرڻ لاءِ چيڪ پوسٽ قائم ڪئي هئي. ڪارروائي دوران دهشتگردن جي ٺڪاڻن مان 6 ٽرڪون، 3 بسون ۽ 2 ڪارون هٿ ڪيون ويون، جڏهن ته وڏي انگ ۾ هٿيار، گولا بارود ۽ ڌماڪيدار مواد پڻ قبضي ۾ ورتو ويو.

ٻئي طرف خاران ۾ دهشتگردن مسافر گاڏي تي آءِ اي ڊي حملو ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ 10 مزدور زخمي ٿي پيا.

Share This Article
Leave a Comment