ملير (رپورٽر) گڏاپ سٽي پوليس ڪارروائي ڪندي نوڪري جو لالچ ڏئي فارم هائوس تي گهرائيل 59 ڇوڪرين جا موبائل فون کڻي فرار ٿيندڙ جوابدار جي ساٿين مان عورت سميت 2 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو.
پوليس موجب ڪراچي جي مختلف علائقن مان ڇوڪرين کي بحريا ٽائون ۾ ايڪٽيوٽي ۽ ايونٽ ۾ نوڪري ڏيڻ جي بهاني انٽرويو لاءِ انصاري ميڊوز فارم هائوس گڏاپ آندو ويو، جتي کين بحريا ٽائون جي آفيسرن سان ملاقات جو چيو ويو.
ڇوڪرين موجب ساحل سلمان نالي شخص باس جي اچڻ دوران ڊسٽربنس کان بچڻ جو چئي سندن موبائل فون گڏ ڪيا ۽ پوءِ سڀ موبائل کڻي فرار ٿي ويو.
پوليس وقاص نالي شخص ۽ نرگس نالي عورت کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جڏهن ته فرار جوابدار ساحل سلمان جي ڳولا جاري آهي. واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.


