Focus with Zardari

ميهڙ: ڳوٺ ڪولاچي ۾ سرڪاري اسڪول، اسپتال ۽ ڊرينج نالن تي مبينا قبضن خلاف احتجاج

1 Min Read

ميهڙ (ويب ڊيسڪ) ميهڙ جي ڳوٺ ڪولاچي جي رهواسين احتجاج ڪندي دانهيو آهي ته ڳوٺ ۾ بااثرن پاران نياڻين جي سرڪاري اسڪول، جانورن جي اسپتال، ڊرينج جي نالن ۽ سرڪاري ٽرانسفارمر تي مبينا طور قبضو ڪيو ويو آهي.

رهواسين موجب نياڻين جي سرڪاري اسڪول جي عمارت ڊاهي ان جاءِ تي پلاٽنگ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ڊرينج جي نالن تي پڻ گهر تعمير ڪيا ويا آهن. ان کان سواءِ جانورن جي سرڪاري اسپتال تي به بااثرن پاران اوطاق قائم ڪرڻ جو الزام آهي.

رهواسين جو چوڻ آهي ته سرڪاري ملڪيتن تي مبينا قبضن جي نشاندهي ڪري سوشل ميڊيا تي پوسٽون رکڻ کانپوءِ بااثرن پاران کين موتمار ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن ۽ سندن جيئڻ جنجال بڻايو ويو آهي.

هنن ڊي سي دادو، ايس ايس پي دادو ۽ ڊي آءِ جي حيدرآباد کان مطالبو ڪيو آهي ته معاملي جو نوٽيس وٺي سرڪاري ملڪيتن تان مبينا قبضا ختم ڪرايا وڃن ۽ ڌمڪين بابت ڪارروائي ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ ڳوٺ ڪولاچي وٽ انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو ويندو.

- Advertisement -
Share This Article
Leave a Comment