ڪراچي جي سائيٽ ايريا ۾ حبيب چورنگي ڀرسان گارمنٽس فئڪٽري ۾ لڳل باهه تقريباً 4 ڪلاڪن بعد وسائي وئي، باهه سبب ڪو به جاني نقصان نه ٿيو.
فائر بريگيڊ اختيارين موجب باهه وسائڻ لاءِ 12 فائر ٽينڊر، هڪ اسنارڪل ۽ 3 واٽر بائوزر حصو ورتو، جڏهن ته واٽر ڪارپوريشن پاران فائر فائٽنگ دوران لڳاتار 150000 گيلن پاڻي فراهم ڪيو ويو.
اختيارين موجب فئڪٽري جي ٻي منزل تي لڳل باهه پلاسٽڪ، ربڙ ۽ ٻين ڪيميڪلز سان گڏ پلاسٽڪ جي داڻي جي موجودگي سبب شدت اختيار ڪئي. باهه کي ٽئين درجي جي قرار ڏئي شهر جي مختلف علائقن مان وڌيڪ فائر ٽينڊر طلب ڪيا ويا هئا، جڏهن ته باهه لڳڻ جا سبب معلوم نه ٿي سگهيا آهن.


