Focus with Zardari

خيرپور: ڪنواري ناري سان مبينا زيادتي، گهر تي حملو ۽ ڌمڪين جا الزام

2 Min Read

خيرپور (رپورٽر) شاهه لطيف ٿاڻي جي حد جي رهواسڻ ڪنواري ناري رحمت خاتون ڀٽو ۽ سندس وارثن مبينا زيادتي، بليڪ ميلنگ، گهر تي حملو ۽ ڌمڪين خلاف انصاف ۽ تحفظ جي اپيل ڪئي آهي.

متاثر ناري جو الزام آهي ته اختيار احمد ڀٽو، احمد ڀٽو، نجيب احمد ڀٽو، اڪرم ڀٽو ۽ رفيق ڀٽو مٿس مبينا زيادتي ڪئي، وڊيو ٺاهي بليڪ ميل ڪيو ۽ 5 مهينن تائين مبينا طور زيادتي جو نشانو بڻايو. طبيعت خراب ٿيڻ تي ڊاڪٽرياڻي وٽ چيڪ اپ دوران حمل جي تصديق ٿي، جنهن بعد هن وارثن کي آگاهه ڪيو.

وارثن موجب واقعي جو ڪيس داخل ٿيڻ کانپوءِ 20 کان وڌيڪ هٿياربند ماڻهن نصير احمد ڀٽو، فرحان ڀٽو، وقار احمد، طاهر، نقاش، الطاف، مهتاب، آفتاب، اقبال ۽ امير سميت گهر تي حملو ڪري عورتن کي مبينا طور تشدد جو نشانو بڻايو، جڏهن ته ٻن نياڻين جا وار ڪٽڻ ۽ مبينا زيادتي جي ڪوشش جا به الزام لڳايا ويا. متاثر ڌر جو چوڻ آهي ته مزاحمت ڪرڻ تي کين ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ ڌمڪيون ڏنيون ويون.

متاثر خاندان الزام لڳايو آهي ته ڪيس تان هٿ کڻائڻ لاءِ مٿن 3 ڪوڙا ڪيس پڻ داخل ڪرايا ويا، جن مان عدالت کين آزاد ڪري ڇڏيو. هنن دعويٰ ڪئي ته جوابدار ڌر بااثر آهي ۽ سياسي پٺڀرائي سبب پوليس گهربل ڪارروائي نه پئي ڪري.

- Advertisement -

متاثر ناري ۽ وارثن صوبائي گهرو وزير، صوبائي وزير قانون، چيف سيڪريٽري سنڌ، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو آهي ته واقعن جي شفاف جاچ ڪرائي، مبينا زيادتي ۽ گهر تي حملي ۾ ملوث جوابدارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ کين جاني ۽ مالي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

Share This Article
Leave a Comment