Focus with Zardari

ٽرمپ ايران سان سڌين ڳالهين لاءِ تيار، ٻارڻ مهانگو ٿيڻ جو ذميوار روس-يوڪرين جنگ قرار

1 Min Read

واشنگٽن(ويب نيوز) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته هو ايران سان سڌين ڳالهين لاءِ تيار آهي.

وائيٽ هائوس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته هو ايران سان سڌين ڳالهين لاءِ هميشه تيار آهي، جڏهن ته هن اماراتي جهاز سان پيش آيل واقعي جو ذميوار ايران کي قرار ڏنو.

صدر ٽرمپ برطانيا جي آر اي ايف فيئرفورڊ ايئربيس تان آمريڪي بمبار جهازن جي واپسي بابت پڻ ڳالهائيندي چيو ته هڪ مخصوص خطرو موجود هو، جنهن سبب بمبار جهاز واپس گهرائڻا پيا.

ٻئي طرف ٽرمپ ٻارڻ جي قيمتن ۾ واڌ جو ذميوار پنهنجي سياسي مخالفن ۽ روس-يوڪرين جنگ کي قرار ڏنو آهي.

- Advertisement -

سوشل ميڊيا پليٽ فارم ’ٽروٿ سوشل‘ تي پنهنجي پوسٽ ۾ ٽرمپ چيو ته ٻارڻ جي وڌندڙ قيمتن جو تعلق هاڻي ايران خلاف جنگ سان ناهي.

آمريڪي صدر موجب پيٽرول جي قيمتن ۾ واڌ جو سبب آبنائے هرمز نه، پر ريفائنريون آهن. سندس چوڻ هو ته يوڪرين روس جي ريفائنرين کي نشانو بڻائي رهيو آهي، جڏهن ته آمريڪا جي ڪيليفورنيا سميت ڊيموڪريٽڪ رياستن ۾ به ريفائنريون بند ڪيون پيون وڃن.

Share This Article
Leave a Comment