Focus with Zardari

حوثين جي رياض ايئرپورٽ ۽ آرامڪو ريفائنري کي نشانو بڻائڻ جي دعويٰ

1 Min Read

رياض(ويب نيوز) يمن جي حوثي گروپ جي فوجي ترجمان دعويٰ ڪئي آهي ته گروپ سعودي عرب جي گادي واري شهر رياض ۾ ڪنگ خالد ايئرپورٽ ۽ رابغ ۾ آرامڪو جي ريفائنري کي نشانو بڻايو.

حوثي فوجي ترجمان موجب سعودي عرب جي ابها ايئرپورٽ، خميس مشيط ايئربيس ۽ نجران توڙي جازان صوبن ۾ پڻ مختلف هنڌن کي نشانو بڻايو ويو.

ٻئي طرف سعودي اڳواڻي ۾ قائم فوجي اتحاد چيو آهي ته بحري فوجن يمن جي الحديده گورنريٽ ۾ فوجي ڪارروائي ڪئي آهي، جڏهن ته يمن جي سرڪاري فورسز حوثين خلاف وڏي فوجي ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي آهي.

يمن جي سرڪاري فورسز وڌيڪ دعويٰ ڪئي آهي ته هنن حوثي گروپ انصار الله کان باب المندب جو ڪنٽرول ٻيهر حاصل ڪري ورتو آهي.

- Advertisement -

يمني فورسز دعويٰ ڪئي آهي ته ڪارروائي دوران 1700 حوثي ويڙهاڪ مارجي ويا، جڏهن ته انهن دعوائن جي آزاد ذريعن کان تصديق نه ٿي سگهي آهي.

Share This Article
Leave a Comment