ڪراچي(ويب نيوز) گڏاپ جي فارم هائوس مان 50 کان وڌيڪ ڇوڪرين جا موبائل فون چوري ٿيڻ واري ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي.
پوليس موجب، گذريل هفتي گڏاپ جي هڪ فارم هائوس تي نوڪري لاءِ گهرايل ڇوڪرين جا موبائل فون چوري ڪندڙ مک جوابدار جي ٻن سڳن ڀائرن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته مک جوابدار جي لوڪيشن پڻ ٽريس ڪئي وئي آهي، واقعي کانپوءِ جوابدار جي استعمال هيٺ اصل موبائل نمبر جي لوڪيشن گوجرانوالا مان ٽريس ٿي.
پوليس موجب، مک جوابدار جي چئن ڀائرن مان ٻن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي، جڏهن ته گرفتار ڀائرن جي مدد سان پوليس مک جوابدار سان فون تي ڳالهه ٻولهه پڻ ڪئي، فون تي ڳالهه ٻولهه دوران جوابدار پنهنجي موجودگي ڪشمير ۾ ظاهر ڪئي.
پوليس دعويٰ ڪئي آهي ته مک جوابدار کي جلد گرفتار ڪيو ويندو.


