ڪشمور (رپورٽر) ڪشمور ويجهو ڳوٺ مزاري ۾ پراڻي دشمني تان هٿياربندن جي فائرنگ جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا.
مارجي ويل ٻنهي ڄڻن جو تعلق هوتڪاڻي بگٽي برادري سان ٻڌايو پيو وڃي. فائرنگ واري واقعي کانپوءِ علائقي ۾ خوف ۽ هراس پکڙجي ويو، جڏهن ته واقعي بابت وڌيڪ تفصيل سامهون نه اچي سگهيا آهن.


