دادو (رپورٽ: الله بخش خشڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ ڪورٽ لاڙڪاڻو دادو، مورو ۽ ڀان سيد آباد ٿاڻن جي حدن ۾ اوورلوڊ ۽ مقرر حد کان وڌيڪ جسامت وارين گاڏين جي آمدرفت روڪڻ ۾ ناڪامي تي ٽنهي ٿاڻن جي ايس ايڇ اوز کي تبديل ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.
عدالت جي لکيل حڪم نامي موجب آئيني درخواست نمبر D-532/2026 تي 23 سيپٽمبر 2026ع تي جسٽس رياضت علي ساهڙ ۽ جسٽس علي حيدر عَدَا تي ٻڌل بينچ ٻڌڻي ڪئي. عدالت قرار ڏنو ته لاڳاپيل ٿاڻن جا ايس ايڇ اوز پنهنجي حدن ۾ اوورلوڊ ۽ آئوٽ آف ڊائمينشن گاڏين جي آمدرفت روڪڻ لاءِ اثرائتا قدم کڻڻ ۾ ناڪام رهيا آهن، جڏهن ته اڳوڻن عدالتي حڪمن باوجود صورتحال ۾ خاطرخواهه بهتري نه اچي سگهي.
عدالت لاڳاپيل اختيارين کي پوليس آفيسرن جي ڪارڪردگي ۽ طرزِ عمل جو جائزو وٺڻ ۽ ضرورت پوڻ تي قانون موجب کين خلاف محڪماڻي ڪارروائي ڪرڻ جي به هدايت ڪئي. جڏهن ته نيشنل هاءِ ويز اينڊ موٽروي پوليس جي چيئرمين کي قانون موجب فوري قدم کڻي جامشورو تائين سمورا غيرمجاز ڪٽ بند ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي، منظور ٿيل ڊزائن تحت قائم يوٽرنز کي حڪم کان ڌار رکيو ويو آهي.
عدالت سمورن لاڳاپيل جوابدارن ۽ اختيارين کي ايندڙ ٻڌڻي تي تعميلي رپورٽون جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪندي ڪيس جي ايندڙ ٻڌڻي 28 آڪٽوبر 2026ع تي مقرر ڪري ڇڏي. حڪم جي ڪاپي آءِ جي سنڌ، چيئرمين نيشنل هاءِ ويز اينڊ موٽروي پوليس، ڊي آءِ جي حيدرآباد رينج ۽ ڊي آءِ جي نوابشاهه رينج کي پڻ موڪلڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.


