حيدرآباد (راحبا خان) ڀان سيدآباد ۾ پوليس ڪارروائي ڪندي هزارين ملڪي ۽ غير ملڪي پکي هٿ ڪري هڪ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو.
پوليس موجب، ايس ايڇ او ڀان سيدآباد ذوالفقار اوڍاڻو جي اسپيشل ٽاسڪ فورس ڳجهي اطلاع تي خانگي بئنڪ ڀرسان قائم هڪ گودام تي ڇاپو هنيو، جتان مختلف نسلن جا هزارين پکي هٿ ڪيا ويا.
پوليس جو چوڻ آهي ته گودام ۾ مبينا طور پکين جون ٽنگون ۽ پَر ڀڃي، کين فريزر ۾ محفوظ ڪرڻ کانپوءِ وڪرو ڪيو ويندو هو.
پوليس ڪارروائي دوران هڪ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جڏهن ته هٿ آيل پکين بابت وڌيڪ جاچ جاري آهي.


