ڄامشورو (رپورٽ: راحبه خان) لياقت ڪاليج آف نرسنگ (فيميل) ڄامشورو ۾ اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمينٽ جي اوچتي دوري دوران خرچن جو رڪارڊ اڻپورو هجڻ، ڪيش بڪ ۽ چيڪ رجسٽر برقرار نه رکڻ سميت مالي بي ضابطگيون سامهون آيون آهن.
اينٽي ڪرپشن اختيارين موجب ڪاليج جي پرنسپل نائمه جوکيو خلاف شاگردياڻين جي شڪايتن تي جاچ جاري آهي. شاگردياڻين سالياني بجيٽ ۽ سرڪاري فنڊن ۾ مبينا خردبرد، هاسٽل جي ناجائز استعمال ۽ سرڪاري ملڪيت غيرقانوني طور وڪرو ڪرڻ جا الزام لڳايا هئا. درخواستن ۾ پرنسپل جي مڙس ۽ سيڪيورٽي گارڊ جي مبينا سهڪار جا الزام پڻ شامل آهن.
اينٽي ڪرپشن ٽيم 26 آڪٽوبر تي ڊائريڪٽر جنرل جي اجازت ۽ ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن حيدرآباد جي هدايتن تي ڪاليج جو اوچتو دورو ڪري رڪارڊ جون فوٽو ڪاپيون تحويل ۾ ورتيون. سپرنٽنڊنٽ ۽ اڪائونٽنٽ عبدالمجيد ميمڻ جو بيان پڻ قلمبند ڪيو ويو. اختيارين جو چوڻ آهي ته جاچ مڪمل ٿيڻ بعد قانون موجب ڪارروائي ڪئي ويندي.


