بنگلاديش خلاف سيريز، ڪهڙي تياري ڪئي آهي؟ شاهين آفريدي ٻڌائي ڇڏيو

2 Min Read

ڍاڪا (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي ون ڊي ٽيم جي ڪپتان شاهين شاهه آفريدي چيو آهي ته اسان جو هدف ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ( ڊبليو ٽي سي ) جي فائنل ۾ پهچڻ آهي.

بنگلاديش خلاف ٽيسٽ سيريز جي شروعات کان اڳ ڍاڪا ۾ پريس ڪانفرنس دوران شاهين شاهه آفريدي جو چوڻ هو ته ڊگهي وقفي کانپوءِ ٽيسٽ سيريز کيڏڻ آسان ناهي هوندو.

هن چيو ته ماضيءَ کي وساري هن ٽيسٽ سيريز لاءِ تيار ۽ چئلينج جا منتظر آهيون. اسان جو هدف آءِ سي سي ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ جي فائنل ۾ پهچڻ آهي.

شاهين چيو ته وڪيٽ جهڙي به هوندي، بهترين ڪارڪردگي ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪنداسين، گرين وڪيٽ تي محمد عباس ۽ خرم شهزاد وڌيڪ مددگار ثابت ٿيندا.

هيڊ ڪوچ بابت سوال تي سندس چوڻ هو ته اسان سندس ڪپتاني ۾ ڪرڪيٽ کيڏڻ شروع ڪئي، هو چڱي ريت ڄاڻي ٿو ته ڪهڙي رانديگر کي ڪڏهن ۽ ڪيئن استعمال ڪرڻو آهي.

شاهين آفريدي چيو ته بنگلاديش وٽ شان ٽيٽ جهڙو بهترين بالنگ ڪوچ آهي ۽ بنگلاديشي بالرن جي فارم به سٺي آهي، پر اميد ڪريان ٿو ته اهي اسان جي خلاف سٺي ڪارڪردگي نه ڏيکاريندا.

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته اسان ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ پنهنجي ڪارڪردگي مان مطمئن ناهيون. اسان کي وڌيڪ ڌيان ٽيسٽ ڪرڪيٽ تي ڏيڻو پوندو.

Share This Article
Leave a Comment