واشنگٽن/تهران (ويب ڊيسڪ) آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ جاري ڇڪتاڻ ۽ جنگي صورتحال کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪوششون تيز ٿي ويون آهن.
آمريڪي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته ٻئي ملڪ هڪ مختصر مفاهمتي ياداشت تي صحيحون ڪرڻ جي ويجهو پهچي ويا آهن، جنهن جو مقصد فوري طور تي جنگ جو خاتمو آهي.
هڪ صفحي جي معاهدي تحت جنگ ختم ڪرڻ جو باقاعده اعلان ڪيو ويندو.
معاهدي کانپوءِ هڪ مهيني جو وقت ڏنو ويندو ته جيئن ايٽمي مسئلن، ايران جي روڪيل اثاثن جي واپسي ۽ هرمز سامونڊي لنگهه جي حفاظت جهڙن معاملن کي حل ڪري سگهجي.
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ موجب، ڪنهن به معاهدي جي صورت ۾ ايران کي پنهنجو رچايل يورينيم آمريڪا موڪلڻو پوندو ۽ زيرِ زمين ايٽمي ٺڪاڻن کي بند رکڻ جو واعدو ڪرڻو پوندو.
صدر ڊونلڊ ٽرمپ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران ايران سان سٺي ڳاله ٻولهه ٿي آهي.
ٽرمپ پنهنجي مخصوص انداز ۾ ڌمڪي پڻ ڏني ته جيڪڏهن ايران هن معاهدي تي راضي نه ٿيو ته بمباري جو سلسلو ٻيهر شروع ڪيو ويندو.
سندس چوڻ هو ته ايران کي هر حال ۾ ايٽمي هٿيارن کان پري رهڻو پوندو.
ٻئي طرف، اسرائيل هنن ڳالهين تي ڳڻتي ظاهر ڪئي آهي.
سي اين اين موجب، اسرائيلي وزيراعظم بنجامن نيتن ياهو گذريل ڏينهن ٽرمپ انتظاميا جي عملدارن سان ملاقات ڪئي.
اسرائيل کي خدشو آهي ته آمريڪا آخري گهڙيءَ ۾ ايران کي اهڙيون رعايتون نه ڏئي ڇڏي جيڪي اسرائيل جي سلامتي لاءِ خطرو بڻجي سگهن.
تهران اڄ ڪنهن به وقت ٽياڪڙن جي ذريعي آمريڪي امن تجويز تي پنهنجو جواب جمع ڪرائي سگهي ٿو، جنهن تي عالمي برادري جون نظرون آهن.

آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ جلد مختصر امن معاهدي تي صحيحن جو امڪان
Leave a Comment Leave a Comment

