مورو ويجهو زهريلا چانور کائڻ سبب هڪ ئي گهر جا 10 ڀاتي بيهوش

1 Min Read

نوشهرو فيروز (رپورٽر) مورو ويجهو ڳوٺ پارو ماڇي ۾ گهر اندر مبينا طور زهريلا چانور کائڻ سبب هڪ ئي گهر جا 10 کان مٿي ڀاتي بيهوش ٿي ويا، جنهن سبب گهر ۾ ڪهرام مچي ويو.
متاثرن ۾ معصوم ٻارڙا ۽ عورتون شامل آهن، جن کي بيهوشي واري حالت ۾ فوري طور مورو جي سرڪاري اسپتال آندو ويو.
اسپتال ۾ ڊاڪٽرن پاران طبي امداد ڏني وئي، پر هڪ عورت جي حالت انتهائي نازڪ هجڻ سبب کيس نوابشاهه جي پي ايم يو اسپتال منتقل ريفر ڪيو ويو.
ان موقعي تي وارثن پاران سخت احتجاج ڪيو ويو ۽ دانهيو ته مورو اسپتال انتظاميا پاران نوابشاهه منتقل ڪرڻ لاءِ ايمبولينس جي سهولت فراهم ناهي ڪئي وئي.
متاثر پورهيت علي اڪبر ماڇي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان مسڪين ماڻهو آهيون، گهر ۾ چانور کائڻ دوران اوچتو سڀني جي طبعيت خراب ٿي وئي.
هن الزام هنيو ته اسپتال ۾ انتظام نالي ڪا شيءِ ناهي، جيڪڏهن اسان جي ڪنهن به ڀاتي کي ڪو نقصان پهتو ته ان جي ذميوار اسپتال انتظاميا هوندي.
هن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي طبي سهولتون يقيني بڻايون وڃن.

Share This Article
Leave a Comment