ڏهرڪي (رپورٽ: علي رضا راجپوت) ڏهرڪي جي قومي شاهراهه تي دادن خان چوڪ ڀرسان هڪ شخص جو لاش ملڻ واري واقعي سبب علائقي ۾ خوف ۽ هراس پکڙجي ويو آهي.
مقامي ماڻهن پاران اطلاع ملڻ تي ڏهرڪي پوليس فوري طور تي واقعي واري هنڌ پهچي لاش کي پنهنجي تحويل ۾ ورتو ۽ ضروري ڪارروائي لاءِ سول اسپتال ڏهرڪي منتقل ڪيو.
پوليس جي شروعاتي جاچ دوران معلوم ٿيو آهي ته فوتي شخص جو نالو بابر مسيح آهي، جيڪو پنجاب جي شهر فيصل آباد جو رهواسي ٻڌايو پيو وڃي.
پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته موت جا اصل ڪارڻ هن وقت تائين سامهون ناهن اچي سگهيا، جنهن لاءِ لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرايو پيو وڃي.

ڏهرڪي ويجهو قومي شاهراهه تان اڻڄاتل شخص جو لاش هٿ
Leave a Comment Leave a Comment

