آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڳالهيون ايندڙ هفتي اسلام آباد ۾ ٻيهر شروع ٿيڻ جو امڪان

1 Min Read

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ ڳالهين جو ٻيو دور ايندڙ هفتي اسلام آباد ۾ ٻيهر شروع ٿيڻ جو امڪان آهي.
آمريڪي اخبار دي وال اسٽريٽ جرنل موجب، ٻنهي ملڪن جا وفد ٽياڪڙن سان گڏجي 14 نڪاتي مفاهمتي يادداشت تي ڪم ڪري رهيا آهن، جنهن جو مقصد هڪ مهيني اندر جنگ جي خاتمي لاءِ فريم ورڪ تيار ڪرڻ آهي.
رپورٽ موجب ڳالهين ۾ ايران جو جوهري پروگرام، هرمز سامونڊي لنگهه ۾ تڪرار گهٽائڻ ۽ يورينيم جي ذخيرن کي ڪنهن ٽئين ملڪ منتقل ڪرڻ تي بحث ڪيو ويندو.
جيتوڻيڪ ڪجهه اهم معاملا، خاص طور تي ايران تي لڳل پابندين ۾ نرمي واري نڪتي تي اڃا تائين اختلاف موجود آهن.
ياد رهي ته ان کان اڳ 11 اپريل تي اسلام آباد ۾ ٿيل 21 ڪلاڪ ڳالهيون ڪنهن حتمي نتيجي تي پهچڻ کانسواءِ ختم ٿيون هيون.

Share This Article
Leave a Comment