ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سهراب ڳوٺ ۾ انتهائي افسوسناڪ واقعي دوران پنهنجي 6 مهينن جي نياڻي جي تدفين لاءِ اباڻي علائقي گهوٽڪي ويندڙ نوجوان کي ڦورن قتل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته سندس ڀاءُ به فائرنگ ۾ زخمي ٿي پيو.
پوليس موجب واقعو سچل ٿاڻي جي حدن اندر پنجاب بس اڏي ويجهو پيادل پُل ڀرسان پيش آيو، جتي هٿياربند ڦورن ڦر ڪوشش دوران فائرنگ ڪئي.
مقتول جي سڃاڻپ 27 ورهين جي منصور احمد ۽ زخمي جي 23 ورهين جي راشد طور ٿي، جيڪي ٻئي سڳا ڀائر هئا.
زخمي راشد ٻڌايو ته هو ۽ سندس ڀاءُ ناظم آباد ۾ مٺائي جي دڪان تي ڪم ڪندا هئا ۽ اتي ئي رهندا هئا، جڏهن ته سندن اباڻو تعلق گهوٽڪي سان آهي.
هن ٻڌايو ته منصور جي ٻه سال اڳ شادي ٿي هئي ۽ سندس 6 مهينن جي ڌيءَ جمعي جي رات فوت ٿي وئي هئي، جنهن بعد هو ڇنڇر صبح تدفين لاءِ گهوٽڪي وڃي رهيا هئا.
راشد موجب هو بس جي انتظار ۾ بيٺل هئا ته ٻن ڦورن ڦرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن دوران منصور سان تلخ ڪلامي ۽ هٿين پئجي ويا ٿي، جنهن تي هڪ ڦورو فائرنگ ڪري ڏني، گولي لڳڻ سبب منصور موقعي تي ئي قتل ٿي ويو،جڏهن ته راشد زخمي ٿي پيو.
ٻنهي ڀائرن کي عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي پوليس ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪري ڇڏيو، جنهن بعد منصور جو لاش تدفين لاءِ گهوٽڪي اماڻيو ويو۔


