ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي گارڈن واري علائقي مان گرفتار ٿيل ڪوڪين جي وڏي سپلائر انمول عرف پنڪي جي هڪ ٻي مبينا آڊيو سامهون آئي آهي، جنهن ۾ هن پنهنجي نيٽ ورڪ کي جاري رکڻ لاءِ حيران ڪندڙ هدايتون ڏنيون آهن.
سامهون آيل آڊيو ۾ پنڪي پنهنجي گراهڪن کي مخاطب ٿيندي چيو آهي ته، جيڪڏهن مون سان ڪو مسئلو ٿئي يا مان هن دنيا ۾ نه رهان، ته منهنجو هڪ دوست ساڳئي نمبر تان اوهان سان رابطو ڪندو ۽ هن سڄي ڪاروبار کي سنڀاليندو.
هن وڌيڪ چيو ته سندس وڃڻ کان پوءِ به منشيات جي سپلائي بند نه ٿيندي.
ياد رهي ته گذريل ڏينهن به هڪ آڊيو سامهون آئي هئي جنهن ۾ هن پوليس کي للڪاريندي چيو هو ته پوليس آفيسر کيس پڪڙڻ جي ڪوشش ۾ رٽائر ٿي ويا پر کيس هٿ نه لڳائي سگهيا.
ياد رهي ته عدالت ۾ بنا هٿڪڙي ۽ بي خوف انداز ۾ پيشي ۽ پوليس پاران مبينا پروٽوڪول ڏيڻ تي ايس ايڇ او گارڈن حنیف سيال ۽ ايس آءِ يو انسپيڪٽر ظفر اقبال کي معطل ڪيو ويو آهي.
Leave a Comment Leave a Comment


