سجاول (ويب ڊيسڪ): سنڌ جي سرموڙ انقلابي شاعر محمد خان مجيدي جي نياڻي، ناليواري شاعره، ليکڪا ۽ استاد مريم مجيدي لاڏاڻو ڪري وئي۔
آپا مريم مجيدي 84 ورهين جي عمر ۾ حيدرآباد جي هڪ خاناگي اسپتال ۾ وفات ڪري وئي، جڏهن ته سندن وڇوڙي جي خبر بعد ادبي، علمي ۽ سماجي حلقن ۾ سوڳ جي لهر ڇانيل آهي۔
مريم مجيدي سنڌي ادب ۾ شاعري، ڪالم نگاري ۽ ڪهاڻين ذريعي وڏي سڃاڻپ ماڻي۔ سندس مشهور ڪتابن ۾ “سروم دکم دکم” ۽ “نيرانا ئي نيڻ” شامل آهن، جڏهن ته شاعري جا تقريبن ڇهه ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن ۽ وڌيڪ ڪتاب اڃا تائين شايع نه ٿي سگهيا آهن.
هوءَ ڊگهي عرصي تائين علمي، ادبي ۽ شاعراڻي دنيا سان لاڳاپيل رهي، جڏهن ته سجاول ۾ تعليم جي واڌاري لاءِ پڻ سندس خدمتون نمايان رهيون۔ ادبي خدمتن عيوض کيس ڪيترائي ادبي ايوارڊ پڻ مليا۔
ادبي حلقن موجب ”سنڌ جي لفظن جي دنيا اڄ سوڳوار آهي“، جڏهن ته سنڌي ادبي سنگت سجاول سندن وڇوڙي تي هفتي جي سوڳ جو اعلان ڪيو آهي۔


