سانگهڙ ويجهو جوابدار ننڊ ستل سڳي ڀيڻ کي ڪهاڙي هڻي قتل ڪري ڇڏيو

1 Min Read

سانگهڙ (رپورٽ: عابد حسين لسڪاڻي) سانگهڙ جي علائقي ورڪشاپ پنج چڪ ۾ هڪ انتهائي افسوسناڪ واقعو پيش آيو آهي، جتي جوابدار ارباب ڪنڊاڻي ڪاوڙ ۾ اچي ڏهه ڏينهن اڳ شادي ٿيل پنهنجي ننڊ ستل سڳي ڀيڻ سومري ڪنڊاڻي کي ڪهاڙين جا وار ڪري بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو.
واقعي کانپوءِ مقتولا جي لاش کي پوسٽ مارٽم جي عمل لاءِ مقامي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.
ٻئي طرف، مقتولا جي ٻئي ڀاءُ ساهرن تي سنگين الزام لڳائيندي چيو آهي ته سندس ڀيڻ جا ساهريجا سندن ڀاءُ وريام کي مسلسل بليڪ ميل ڪري رهيا هئا ۽ کانئس پئسن جو مطالبو ڪيو پئي ويو، جنهن جي ذهني دٻاءُ سبب جوابدار اهڙو سخت ۽ افسوسناڪ قدم کنيو.
واقعي کانپوءِ منگلي پوليس ڪارروائي ڪندي شڪ جي بنياد تي ٽن ماڻهن کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي، جڏهن ته معاملي جي وڌيڪ قانوني جاچ ڪئي پئي وڃي.

Share This Article
Leave a Comment