نئين دهلي / اوسلو (ويب ڊيسڪ) ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي کان صحافتي آزاديءَ بابت سوال پڇڻ تان پيدا ٿيل تڪرار بعد، ناروي جي نامياري صحافڻ هيلي لِنگ جا فيس بوڪ ۽ انسٽاگرام اڪائونٽس معطل ڪيا ويا آهن.
ناري سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي اسڪرين شاٽ شيئر ڪندي دعويٰ ڪئي آهي ته مودي کان سوال پڇڻ تي آن لائن سخت تنقيد ۽ رپورٽس کانپوءِ ميٽا انتظاميا سندس اڪائونٽس بلاڪ ڪري ڇڏيا آهن.
هي سڄو معاملو ناروي ۽ ڀارت جي وزيراعظمن جي گڏيل پريس بريفنگ دوران شروع ٿيو، جتي مودي جي هال مان ٻاهر وڃڻ وقت هيلي لِنگ وڏي آواز ۾ کائنس سوال ڪيو ته توهان دنيا جي سڀ کان آزاد پريس جا سوال ڇو نٿا وٺو؟
جيتوڻيڪ مودي جواب نه ڏنو، پر ان واقعي جي ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ بعد ڀارتي واهپيدارن پاران صحافڻ تي تنقيد ڪندي کيس چيني جاسوس ۽ پرڏيهي ايجنٽ قرار ڏنو ويو، جنهن تي صفائي ڏيندي هيلي لِنگ چيو ته هوءَ ڪا جاسوس ناهي پر رڳو پنهنجو صحافتي فرض نڀائي رهي هئي.
ياد رهي ته ان تڪرار بعد صحافڻ جي فالوورز ۾ هزارين ڀيرا اضافو ٿيو آهي، جڏهن ته ناروي ۾ موجود ڀارتي سفارتخاني کيس ڌار بريفنگ ۾ گهرائي ڀارتي موقف ڏيڻ جي ڪوشش پڻ ڪئي آهي.

مودي کان پڇاڻو ڪرڻ تي نارويجيئن صحافڻ جو فيس بڪ ۽ انسٽاگرام بند
Leave a Comment Leave a Comment

