ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪمشنر ڪراچي سيد حسن نقوي شهر جي انتظاميا کي سڄي ڪراچي مان سمورا غير قانوني بل بورڊ، بينر ۽ هورڊنگس هٽائڻ جو سخت حڪم ڏنو آهي.
هڪ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪمشنر چيو ته سرڪاري ملڪيتن تي لڳل اهڙا سمورا بورڊ غير قانوني آهن ۽ لاڳاپيل ادارن کي گهرجي ته اهي فوري طور ڪارروائي ڪن.
اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ جي حڪمن تي سختيءَ سان عملدرآمد کي يقيني بڻايو ويندو.
جيڪڏهن ڪنهن آفيسر يا اشتهاري ايجنسي پاران عدالتن جي حڪمن جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي ته انهن خلاف قانوني ڪيس داخل ڪيا ويندا.
ان کان کانسواءِ خانگي ملڪيتن تي لڳل غير محفوظ اشتهاري بورڊن کي به غير قانوني قرار ڏنو ويو آهي.

ڪراچي ۾ سمورا غير قانوني بل بورڊ هٽائڻ جو حڪم
Leave a Comment Leave a Comment

