ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ٽائپ ٽو شگر هڪ اهڙي بيماري آهي جنهن دوران لبلبو مناسب مقدار ۾ انسولين نٿو ٺاهي يا جسم انسولين کي صحيح نموني استعمال نٿو ڪري سگهي۔ ان جي نتيجي ۾ رت ۾ کنڊ جي سطح خطرناڪ حد تائين وڌي وڃي ٿي، جيڪا وقت سان گڏ دل، اکين، اعصاب ۽ ٻين عضون کي نقصان پهچائي سگهي ٿي۔
ماهرن موجب جيڪڏهن ماڻهو پاڻ کي هن دائمي بيماري کان محفوظ رکڻ چاهين ٿا ته صحتمند خوراڪ ۽ جسماني سرگرمي انتهائي اهم آهن۔ تحقيقن مان معلوم ٿيو آهي ته “ميڊيٽرينين ڊائٽ” اختيار ڪرڻ سان ٽائپ ٽو شگر جو خطرو نمايان حد تائين گهٽجي سگهي ٿو۔
ميڊيٽرينين ڊائٽ ۾ ميوا، ڀاڄيون، اناج، سڪا ميوا، مڇي ۽ زيتون جو تيل شامل هوندو آهي، جڏهن ته ڳاڙهي گوشت جو استعمال تمام گهٽ ڪيو ويندو آهي۔ جرنل Annals of Internal Medicine ۾ شايع ٿيل هڪ تحقيق موجب هن غذا تي عمل ڪرڻ سان ٽائپ ٽو ذیابيطس جو خطرو لڳ ڀڳ 31 سيڪڙو تائين گهٽجي سگهي ٿو۔
تحقيق ۾ 55 کان 75 ورهين جي عمر وارن 4746 ماڻهن کي شامل ڪيو ويو، جيڪي وڌيڪ وزن يا موٽاپي جو شڪار هئا، پر شروعات ۾ شگر يا دل جي بيمارين ۾ مبتلا نه هئا۔ ڇهن سالن تائين انهن جي صحت جو جائزو ورتو ويو۔ نتيجن مان ظاهر ٿيو ته محدود ڪيلورين واري ميڊيٽرينين ڊائٽ ۽ هلڪي ورزش ڪندڙ ماڻهن ۾ نه صرف ذیابيطس جو خطرو گهٽ ٿيو، پر وزن ۽ پيٽ جي چرٻي ۾ به نمايان گهٽتائي آئي۔
هڪ ٻي تحقيق مطابق تيز رفتار سان روزانو چهل قدمی ڪرڻ به ٽائپ ٽو ذیابيطس کان بچاءَ ۾ مددگار ثابت ٿئي ٿو۔ برٽش جرنل آف اسپورٽس ميڊيسن ۾ شايع ٿيل رپورٽ موجب تيز هلڻ جي عادت سان هن بيماري جو خطرو تقريبن 40 سيڪڙو تائين گهٽجي سگهي ٿو۔
تحقيق مطابق آهستي هلڻ سان شگر جو خطرو 15 سيڪڙو، معتدل رفتار سان هلڻ سان 24 سيڪڙو، جڏهن ته تيز رفتار سان گهمڻ جي ڪري خطرو 39 سيڪڙو تائين گهٽجي ويندو آهي۔ ماهرن جو چوڻ آهي ته صحتمند خوراڪ، جسماني سرگرمي ۽ وزن کي ڪنٽرول ۾ رکڻ ٽائپ ٽوشگر کان بچڻ جا اهم طريقا آهن۔


