اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عالمي مالياتي فنڊ جو وفد پاڪستان جو هفتيوار دورو مڪمل ڪري واپس روانو ٿي ويو آهي، جنهن دوران ايندڙ مالي سال 2027ع جي بجيٽ اسٽريٽجي، معاشي سڌارن ۽ وفاقي توڙي صوبائي سطح تي ٽيڪس نيٽ کي وسيع ڪرڻ تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون.
آءِ ايم ايف مشن جي سربراهه ايوا پيٽرووا ٻڌايو ته پاڪستاني اختيارين سان ڳالهيون انتهائي هاڪاري رهيون، جنهن ۾ پاڪستاني حڪومت جي ڊي پي جو 2 سيڪڙو پرائمري سرپلس هدف حاصل ڪرڻ جي عزم کي ورجايو آهي.
ٻئي طرف اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان مھنگائي جي شرح کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ مانيٽري پاليسي کي سخت رکڻ ۽ انرجي جي قيمتن ۾ واڌ جي اثرن تي نظر رکڻ جو يقين ڏياريو آهي.
فنڊ پاران ايندڙ مالي سال لاءِ وفاقي روينيو جو هدف 17,145 ارب رپيا مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته صوبن کي پڻ زرعي، پراپرٽي ۽ سروسز ٽيڪس جي بهتر اڳاڙي ذريعي پنهنجو حصو 400 ارب رپيا وڌائڻ لاءِ چيو ويو آهي.
آءِ ايم ايف جو ايندڙ دورو هاڻي 2026ع جي ٻئي اڌ (سيمسٽر) ۾ ٿيڻو آهي، جنهن ۾ معاشي پروگرامن جو جائزو ورتو ويندو.

آءِ ايم ايف مشن جو دورو مڪمل، معاشي سڌارن ۽ ايندڙ بجيٽ تي اهم ڳالهيون
Leave a Comment Leave a Comment

