ميرٽ جي ڀڃڪڙي قتل کان وڏو ڏوهه آهي: سنڌ هاءِ ڪورٽ

1 Min Read

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي مقابلي واري امتحانن خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ڪندي عبوري حڪم ۾ 9 جون تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي.
عدالت ڪميشن کي سمورو رڪارڊ سيل رکڻ ۽ ڪامياب اميدوارن کي ڪيس ۾ ڌر بڻائڻ جو حڪم ڏنو.
ٻڌڻي دوران جسٽس سليم جسر رمارڪس ڏنا ته ميرٽ جي ڀڃڪڙي قتل کان به وڏو ڏوهه آهي، جڏهن ته جسٽس نثار احمد ڀنڀرو چيو ته پيپر چيڪ ڪندڙ اسسٽنٽ پروفيسر کان هتي مضمون لکرائبو ته نتيجا واضح ٿي ويندا.
عدالت سوال اٿاريو ته جيڪڏهن 71 اميدوارن جي ٻيهر ٽيسٽ ورتي وڃي ته ڏسون ڪيترا پاس ٿين ٿا.
ٻڌڻي دوران اها ڳالهه به سامهون آئي ته ڪميشن امتحانن لاءِ ٻين ذريعن کان خدمتون وٺندي آهي.
عدالت وفاقي پبلڪ سروس ڪميشن جي طريقيڪار بابت ڊپٽي اٽارني جنرل کان مدد طلب ڪندي ٻڌڻي 9 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

Share This Article
Leave a Comment