ڪراچي ( رپورٽ: آزاد ميراڻي ) سنڌ اسيمبلي ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف هنگامو ۽ احتجاج ڪيو ويو، جتي مخالف ڌر جي ميمبرن سخت نعريبازي ۽ گوڙ ڪيو۔ ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ميمبرن مطالبو ڪيو ته کين پوائنٽ آف آرڊر تي ڳالهائڻ ڏنو وڃي۔
ڊپٽي اسپيڪر انٿوني نويد اجلاس هلائڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو، پر شور وڌندو ويو ۽ “پاڻي ڏيو، پاڻي ڏيو” جا نعرا گونجندا رهيا۔ احتجاج دوران ڪجهه ميمبر اسپيڪر ڊائس تائين پهچي ويا ۽ ايجنڊا جون ڪاپيون ڦاڙي ڇڏيون۔
مخالف ڌر جي اڳواڻ علي خورشيدي چيو ته جيڪڏهن کين ڳالهائڻ نه ڏنو ويو ته پوءِ ڪنهن کي به ڳالهائڻ نه ڏيندا۔ ان موقعي تي پيپلزپارٽي ايم پي اي امداد پِتافي چيو ته اسپيڪر کي بليڪ ميل نه ٿيڻ گهرجي۔
بعد ۾ سوالن جوابن جو وقفو مختصر ڪيو ويو ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ کي ڳالهائڻ جي اجازت ڏني وئي۔
صوبائي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار چيو ته مخالف ڌر پاڻي جي مسئلي تي سياست ڪري رهي آهي، جيڪڏهن سنجيده ڳالهه ڪرڻي آهي ته التويٰ واري رٿ آندي وڃي، شور ڪرڻ جي ضرورت ناهي۔
سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڳالهين بابت فيلڊ مارشل سيد عاصم منير کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو ته دنيا کي جلد خوشخبري ملڻ واري آهي۔
اجلاس دوران مختلف ڌيان ڇڪايو نوٽيسز تي مڪاني ادارن واري وزير ناصر حسين شاهه مسئلا حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي۔
ايوان ۾ جيڪب آباد ۾ گهر ساڙڻ واري واقعي ۽ سنت سچو سترام کي ڀيٽا پيش ڪرڻ جا ٺهراءَ اتفاق راءِ سان منظور ڪيا، جڏهن ته “انسٽيٽيوٽ آف ري پروڊڪٽو هيلٿ ڪراچي” جي قيام وارو بل به اتفاق راءِ سان پاس ڪيو ويو۔
آخر ۾ وقتي گورنر سنڌ طرفان سنڌ اسيمبلي جو اجلاس اڻ ڄاتل مدي تائين ملتوي ڪرڻ جو حڪم نامو پڙهي ٻڌايو ويو۔


