ملڪ ۾ بوھري برادري پاران اڄ عيدالاضحيٰ مذهبي جوش ۽ جذبي سان ملهائي پئي وڃي

1 Min Read

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ سميت ڪراچي ۾ بوھري برادري پاران اڄ عيدالاضحيٰ پوري مذهبي عقيدت ۽ جوش وخروش سان ملهائي پئي وڃي.
ان سلسلي ۾ ڪراچي جي علائقي صدر ۾ واقع طاهري مسجد ۾ عيدالاضحيٰ جي نماز جو وڏو اجتماع ٿيو، جتي بوھري برادري جي ماڻهن تمام وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
نماز جي خطبي ۾ عيد جي اهميت ۽ قرباني جي فلسفي تي روشني وڌي وئي، جنهن کانپوءِ ملڪ جي ترقي، امن ۽ ڀائيچاري لاءِ خصوصي دعائون گهريون ويون.
نماز جي ادائگي کانپوءِ علائقي ۾ سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا هئا، جڏهن ته برادري جا ماڻهو هڪٻئي کي عيد جون مبارڪون ڏيڻ بعد سنتِ ابراهيمي جي ادائگي (قرباني) ۾ مصروف ٿي ويا آهن.

Share This Article
Leave a Comment