تھران (ويب ڊيسڪ) ايراني صدر مسعود پزيشڪيان ملڪ ۾ انٽرنيٽ سروس مڪمل طور تي بحال ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي. صدارتي حڪمنامو جاري ٿيڻ بعد مواصلات واري وزارت کي هدايت ڪئي وئي آهي ته ملڪ ۾ انٽرنيٽ کي ڊسمبر 2025ع کان اڳ واري حالت تي بحال ڪيو وڃي.
مواصلات واري نائب وزير صدارتي حڪم جي تصديق ڪندي چيو آهي ته هي قدم عوامي حقن جي بحالي ۽ سرڪار تي عوام جو اعتماد وڌائڻ لاءِ کنيو ويو آهي. ايراني ميڊيا موجب، نائب صدر محمد رضا عارف جي صدارت هيٺ ٿيل اعليٰ سطحي اجلاس ۾ انٽرنيٽ جي بحاليءَ جي حق ۾ 9 ووٽ اچڻ بعد ان جي منظوري ڏني وئي، جنهن جي صدر پزيشڪيان پڻ حتمي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.
ياد رهي ته گذريل سال ڊسمبر ۾ مظاهرين خلاف ڪارروائي دوران ايران ۾ انٽرنيٽ بند ڪيو ويو هو، جنهن کانپوءِ اسرائيل ۽ آمريڪا پاران ايران تي ٿيل حملن دوران انٽرنيٽ جي بندش کي وڌيڪ سخت ڪيو ويو هو.

ايراني صدر جو ملڪ ۾ انٽرنيٽ مڪمل بحال ڪرڻ جو حڪم
Leave a Comment Leave a Comment

