لياري ۾ عورت جي قتل جو ڪيس پاڙيسري پوليس اهلڪار خلاف داخل

1 Min Read

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي لياري ٻڪرا پڙي ۾ فائرنگ ۾ مارجي ويل 25 سالن جي عورت بتول جي قتل جو ڪيس ڪلاڪوٽ ٿاڻي تي سندس پاڙيسري پوليس ڪانسٽيبل آصف خلاف داخل ڪري کيس باقاعدا گرفتار ڪيو ويو آهي.
ڪيس مقتول ناري جي پيءُ محمد حنيف جي فرياد تي قتل جي قلم 302 تحت داخل ڪيو ويو.
مقتول عورت جي ڀينرن موجب، بتول گيس نه هجڻ سبب پنهنجي پٽ لاءِ چپس ٺاهڻ پاڙيسري پوليس اهلڪار آصف جي گهر وئي هئي، جتي کيس مٿي ۾ گولي لڳي.
شروعاتي طور پوليس اهلڪار جي گهر وارن واقعي کي آپگهات قرار ڏنو، پر پوليس جو چوڻ آهي ته گولي مٿي جي اڳيان (مٿي واري ڀاڱي) ۾ لڳي آهي، جڏهن ته واقعي بعد واري واري هنڌ تان سرڪاري پستول پڻ لڪايو ويو هو، جنهن سان معاملو شڪي بڻجي ويو آهي.
گرفتار پوليس اهلڪار آصف نيپيئر ٿاڻي تي منشي طور مقرر آهي، جنهن کان وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

Share This Article
Leave a Comment