ملير ۾ ڪار تي فائرنگ ڪري جوڙي کي قتل ڪندڙ مک جوابدار گرفتار

2 Min Read

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي ملير سعود آباد ۾ ڏينهن ڏٺي هلندڙ گاڏي تي انڌاڌنڌ فائرنگ ڪري نئين پرڻيل جوڙي کي قتل ڪرڻ واري ڪيس ۾ ملوث مک جوابدار کي سچل ٿاڻي جي حد مان گرفتار ڪيو ويو آهي.
گرفتار جوابدار مقتولا عورت جو سڳو ڀاءُ آهي، جنهن جاچ دوران پنهنجي ڀينر ۽ ڀيڻوي کي قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪري ورتو آهي.
تفصيل موجب، گذريل ڏينهن ملير سعود آباد ۾ نادرا آفيس ويجهو موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن هلندڙ ڪار تي انڌاڌنڌ فائرنگ ڪري پسند جي شادي ڪندڙ جوڙي کي موقعي تي ئي قتل ڪري ڇڏيو هو، جنهن جي سڃاڻپ نجيح الله ۽ ناديه جي نالن سان ٿي هئي.
واقعي جو ڪيس مقتول نجيح الله جي ڀاءُ محمد عثمان جي مدعيت ۾ مقتول جي سهري محمد اسلم ۽ 4 اڻڄاتل هٿياربندن خلاف سعود آباد ٿاڻي تي درج ڪرايو ويو هو.
پوليس ڪارروائي ڪندي واقعي جي 15 ڪلاڪن اندر سچل جي علائقي مان مک جوابدار ساجد کي گرفتار ڪري ورتو، جيڪو مقتولا ناديه جو سڳو ڀاءُ آهي.
جوابدار اعتراف ڪيو آهي ته هن غيرت جي نالي تي پنهنجي ڀيڻ ۽ ڀيڻوي کي قتل ڪيو.
پوليس ذريعن موجب، جوابدار دورانِ جاچ وڏو انڪشاف ڪندي ٻڌايو ته سندس ڀيڻ جي منڱڻي ساڍا ٽي لک رپيا وٺي سعيد گوپانگ نالي شخص سان ڪرائي وئي هئي ۽ عيد کانپوءِ شادي طئي ٿيل هئي، پر ڀيڻ پاران پسند جي شادي ڪرڻ بعد سعيد گوپانگ پئسا واپس گهري رهيو هو.
جوابدار موجب، پئسا واپس نه ملڻ تي سعيد گوپانگ پاران ڀيڻ کي قتل ڪرڻ جو شرط رکيو ويو، جنهن جي دٻاءُ ۾ اچي هن هي قدم کنيو.
جوابدار وڌيڪ ٻڌايو ته قتل جي وقت موٽرسائيڪل هلائيندڙ ٻيو ڪو نه پر سعيد گوپانگ جو ڀاءُ عابد گوپانگ هو.
ياد رهي ته مقتول نوجوان نجيح الله پنهنجي گهر واريءَ سان گڏ عدالت مان ٿي حيدرآباد وڃي رهيو هو ته کيس نشانو بڻايو ويو.
واقعي جي سي سي ٽي وي وڊيو ۾ پڻ هٿياربندن کي ڪار تي فائرنگ ڪندي ۽ ڪار ڊرائيور کي جان بچائي ڀڄندي ڏسي سگهجي ٿو.

Share This Article
Leave a Comment