خيرپور (ويب ڊيسڪ) خيرپور جي بي سيڪشن ٿاڻي جي حد الله آباد ڪالوني مان ٻن معصوم ٻارڙن سميت هڪ عورت کي مبينا طور اغوا ڪيو ويو آهي، جنهن خلاف عورت جي مڙس هٿن ۾ پاڪ ڪتاب کڻي در در تي انصاف لاءِ دانهون ڪندي احتجاجي مظاهرو ڪيو آهي.
تفصيل موجب، الله آباد ڪالوني جي رهواسي پورهيت ساجن سولنگي قرآن پاڪ هٿن ۾ کڻي صحافين آڏو روئيندي دانهيو آهي ته رمضان شريف جي پاڪ مهيني ۾ بااثر جوابدارن اقرار رند، ستار ڪلهوڙو، سميع ڪلهوڙو ۽ محمود رڏ سندس گهر ۾ گهڙي گهر واري ۽ ٻن معصوم ٻارڙن، 5 سالا ڌي بسما ۽ 4 سالا پٽ بلاول سولنگي کي اغوا ڪري ويا آهن.
پورهيت موجب، بااثر اقرار رند سندس معصوم ٻارن ۽ گهر واريءَ کي پنهنجي اوطاق تي قيد ڪري رکيو آهي.
متاثر پورهيت بي سيڪشن پوليس تي سنگين الزام مڙهيندي چيو ته هن پنهنجي مدد پاڻ تحت هڪ جوابدار کي پڪڙي پوليس حوالي ڪيو هو، پر بي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايڇ او ڳري رشوت وٺي جوابدار کي آزاد ڪري ڇڏيو.
پورهيت جو چوڻ هو ته آئون مسڪين ماڻهو آهيان، در در تي قرآن پاڪ کڻي انصاف لاءِ پڪاري رهيو آهيان پر ڪو به ٻڌڻ وارو ناهي.
متاثر پورهيت ساجن سولنگي ايس ايس پي خيرپور ۽ ڊي آءِ جي سکر کان فوري طور تي واقعي جو نوٽس وٺڻ، گهر واري ۽ معصوم ٻارڙن کي بااثرن جي قيد مان آزاد ڪرائڻ ۽ ڪرپٽ پوليس اهلڪارن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

خيرپور: الله آباد ڪالوني مان عورت ٻن ٻارن سميت مبينا اغوا، مڙس جو احتجاج
Leave a Comment Leave a Comment

