وياج شرح ۽ مهانگائي بابت اهم خبر اچي وئي

2 Min Read

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي مانيٽري پاليسي ڪميٽي پاليسي ريٽ 11.5 سيڪڙو تي برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

مانيٽري پاليسي ڪميٽي موجب ڏهن مان ست ميمبرن جي اڪثريتي راءِ سان پاليسي ريٽ ۾ ڪا تبديلي نه ڪئي وئي. ڪميٽي چيو ته وچ اوڀر ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ سبب عالمي شين جي قيمتن ۾ اضافو ۽ رسد جي فراهمي ۾ رڪاوٽون پيدا ٿيون آهن.

ڪميٽي موجب آگسٽ ۾ ملڪ ۾ مهانگائي جي شرح وڌي 11.1 سيڪڙو ٿي وئي، جيڪا جولاءِ ۾ 9.2 سيڪڙو هئي، جڏهن ته بنيادي مهانگائي اميدن کان ڪجهه گهٽ رهي.

اسٽيٽ بئنڪ چيو ته پرڏيهي کاتي تي دٻاءُ قابو ۾ رهيو، جنهن ۾ ٻاهرين ملڪن مان موڪليل رقم ۽ مالي آمدني ۾ اضافي اهم ڪردار ادا ڪيو.

مانيٽري پاليسي ڪميٽي موجب موجوده پاليسي ريٽ مهانگائي کي وچولي مدي ۾ 5 کان 7 سيڪڙو جي حد تائين آڻڻ لاءِ مناسب آهي، پر وچ اوڀر جي خراب ٿيندڙ صورتحال سبب معاشي اڳڪٿين بابت غير يقيني صورتحال وڌي وئي آهي.

ڪميٽي ٻڌايو ته پاڪستان جي پرڏيهي مٽاسٽا جي ذخيرن ۾ اضافو ٿيو آهي ۽ ملڪ عالمي سرمائي جي مارڪيٽ مان 3 ارب ڊالر حاصل ڪيا آهن، جنهن سان مجموعي پرڏيهي ذخيرا 21 ارب ڊالر کان وڌي ويا آهن.

اسٽيٽ بئنڪ عالمي حالتن، توانائي جي قيمتن ۽ رسد ۾ رڪاوٽن کي نظر ۾ رکندي محتاط مالياتي ۽ مالي پاليسين جي ضرورت تي زور ڏنو آهي.

Share This Article
Leave a Comment