مير رضا قتل ڪيس: پوليس سرجن ڊاڪٽر سميه کي ڌمڪيون ملڻ جو انڪشاف

1 Min Read

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ )  مير رضا قتل ڪيس جي جاچ لاءِ قائم ڪيل ڪميشن آڏو پوليس سرجن ڊاڪٽر سميه ڌمڪين ۽ پيڇو ڪرڻ بابت اهم انڪشاف ڪيا آهن.

ڊاڪٽر سميه پنهنجي بيان ۾ چيو ته کيس ڌمڪيون ڏنيون ويون، جڏهن ته ٻن ڏينهن تائين موٽر سائيڪل تي سندس پيڇو پڻ ڪيو ويو.

پوليس سرجن موجب کيس چيو ويو ته جيڪڏهن هوءَ خودڪشي جو بيان لکي ڏئي ته سندس معاملي ۾ ”هلڪو هٿ“ رکيو ويندو، جڏهن ته عوامي سطح تي پڻ سندس خلاف مهم هلائي پئي وڃي.

ڊاڪٽر سميه چيو ته هن ڪيس لاءِ پنهنجو ڪيريئر داءَ تي لڳايو آهي ۽ مير رضا جو ڪيس سندس لاءِ آزمائشي ڪيس آهي، کيس پنهنجي کان وڌيڪ پنهنجي خاندان جي ڳڻتي آهي.

هن ڪميشن کي ٻڌايو ته ڌمڪين واري معاملي تي اين سي سي آءِ اي ۾ شڪايت پڻ داخل ڪرائي آهي.

ڪميشن جي سربراهه جسٽس عمر سيال ڊاڪٽر سميه کان سيڪيورٽي بابت پڇاڻو ڪيو، جنهن تي هن پوليس سيڪيورٽي جي ضرورت ظاهر ڪئي. جسٽس عمر سيال رينجرز سيڪيورٽي لاءِ هدايت ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي، جڏهن ته ڊاڪٽر سميه ٻيهر چيو ته کيس سيڪيورٽي جي ضرورت ناهي.

Share This Article
Leave a Comment