شڪارپور: موٽرسائيڪل سوارن جي فائرنگ ۾ عيد تي ڳوٺ آيل 2 نوجوان قتل

1 Min Read

شڪارپور (ويب ڊيسڪ): شڪارپور ۾ جيڪب آباد باءِ پاس لڳ پشين هوٽل ويجهو موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ جي نتيجي ۾ ٻه نوجوان موقعي تي ئي قتل ٿي ويا، جڏهن ته جوابدار فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آهن.
اطلاعن موجب پشين هوٽل سامهون بيٺل نوجوانن مٿان اوچتو هٿياربندن پاران انڌاڌنڌ فائرنگ ڪئي وئي.
واقعي بعد مقتولن جي گهر ۾ عيد جون خوشيون ماتم ۾ تبديل ٿي ويون آهن ۽ وارث عورتن جون اڀ ڏاريندڙ دانهون نڪري ويون آهن.
مقتولن جي سڃاڻپ ڪريمداد معرفاڻي ۽ احسان معرفاڻي طور ٿي آهي، جيڪي ڳڙهي ياسين ڀرسان جا رهواسي هئا.
وارثن موجب، ٻئي نوجوان ڪراچي ۾ پنهنجي روزگار سان لڳل هئا ۽ عيد جون خوشيون گهر وارن سان گڏ ملهائڻ لاءِ ڳوٺ آيا هئا، پر شڪارپور ۾ بيرحم گولين جو کاڄ بڻجي ويا.
پوليس جو چوڻ آهي ته واقعو معرفاڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ پراڻي ذاتي دشمني جو نتيجو آهي.
مقتولن جا لاش ضروري ڪارروائي لاءِ سول اسپتال شڪارپور منتقل ڪيا ويا آهن، جڏهن ته حملي آور فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، جن جي گرفتاري لاءِ ناڪابندي ڪئي وئي آهي.

Share This Article
Leave a Comment