لبنان تي اسرائيلي حملن ۾ تيزي، حزب الله پاران مزاحمت جاري رکڻ جو اعلان

5 Min Read

بيروت  ( ويب ڊيسڪ ) اسرائيل ڏکڻ لبنان تي پنهنجا حملا وڌيڪ تيز ڪري ڇڏيا آهن، جڏهن ته حزب الله “پرڏيهي سرپرستي” ۽ ورهاڱي کي رد ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي۔

ڏکڻ لبنان ۽ بقاع واديءَ جي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ اسرائيلي هوائي حملا وڌيڪ شدت اختيار ڪري ويا آهن، جڏهن اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو اعلان ڪيو ته هن اسرائيلي فوج کي لبنان ۾ فوجي ڪارروايون وڌائڻ جو حڪم ڏنو آهي ته جيئن حزب الله  جو مڪمل خاتمو آندو وڃي.

انهن بيانن کان پوءِ بيروت جي ڏاکڻين علائقن مان وڏي پيماني تي ماڻهن جي لڏپلاڻ ڏسڻ ۾ آئي، ڇاڪاڻ⁠ ته ماڻهن کي خدشو هو ته انهن علائقن کي نشانو بڻايو وڃي سگهي ٿو۔

حزب الله جا ويڙهاڪ قبضي هيٺ لبناني علائقن ۾ اسرائيلي فوجن ۽ اتر اسرائيل جي هنڌن تي حملا جاري رکيو ويٺا آهن، جن کي حزب الله لبنان تي جاري اسرائيلي حملن جو جواب قرار ڏئي ٿي۔

پنهنجي طرفان لبناني حزب الله، لبناني آئين جي لاڳو ٿيڻ جي سئو ساله تقريب جي موقعي تي طائف معاهدي کان پوءِ ترميم ٿيل آئين کي تڪرارن جي حل ۽ رياستي معاملن جي انتظام لاءِ بنيادي حوالو قرار ڏيڻ تي زور ڏنو آهي۔

لبناني خابرو اداري موجب جاري ڪيل بيان ۾ جماعت “ورهاست، وفاقيت ۽ آبادڪاري” جي منصوبن کي به رد ڪيو ۽ چيو ته اهي آئين جي روح ۽ لبنان جي اتحاد جي خلاف آهن.

حزب الله جو چوڻ هو ته فرقيواراڻو نظام هاڻي هڪ مستحڪم ۽ انصاف تي ٻڌل رياست قائم ڪرڻ جي قابل ناهي رهيو، ۽ طائف معاهدي جي سڌارن جي مڪمل نفاذ جو مطالبو ڪيو، خاص طور تي سياسي فرقيواريت جي خاتمي ۽ شهري رياست جي قيام تي زور ڏنو۔

جماعت وڌيڪ چيو ته قبضو ڪندڙ خلاف مزاحمت هڪ جائز حق آهي، جيڪو لبناني آئين ۽ عربي ۽ بين الاقوامي قانونن تحت محفوظ آهي، ۽ اسرائيلي خطري جي موجودگي ۾ لبنان کان طاقت جا ذريعا ختم ڪرڻ طائف معاهدي جي ڀڃڪڙي آهي۔

بيان ۾ اسرائيل سان لاڳاپن کي دشمني، قبضي ۽ لڳاتار خطري تي ٻڌل قرار ڏيندي ڪنهن به قسم جي معمولي لاڳاپن کي رد ڪيو ويو آهي۔

حزب الله لبنان کي جارحيت ۽ ٻاهرين مداخلت کان بچائڻ ۽ خودمختياري، ڀائيواري ۽ سڌارن جي بحالي جو مطالبو ڪيو، ۽ چيو ته لبنان رڳو متحد، خودمختيار، آزاد ۽ قابض خلاف مزاحمت ڪندڙ رهي ڪري ئي برقرار رهي سگهي ٿو۔”

اسرائيلي فوج اڱاري جي صبح اعلان ڪيو ته اتر اسرائيل جي علائقي ساسا ۾، جيڪو لبنان جي سرحد جي ويجهو آهي، ”دشمن جهاز“ جي  امڪاني داخلا بابت خبرداري وارا سائرن وڄايا ويا۔

ان کان اڳ اسرائيلي فوج چيو هو ته هن مشرقي لبنان جي بقاع وادي سميت سڄي ملڪ ۾ “حزب الله جي ٺڪاڻن” کي نشانو بڻايو، جڏهن ته نيتن ياهو سومر جي رات خطاب ۾ چيو ته اسرائيل “حزب الله سان جنگ جي حالت ۾ آهي” ۽ فوج کي ان تي “فيصلائتي وار” ڪرڻ جي هدايت ڏني آهي۔

ايراني حمايت يافته حزب الله سومر ڏينهن اتر اسرائيل ۾ ٽن فوجي ڇانوڻين ۽ هڪ فوجي مرڪز تي حملن جي ذميواري قبول ڪندي چيو ته اهي حملا اسرائيل طرفان جنگبندي جي ڀڃڪڙي جي جواب ۾ ڪيا ويا آهن، جڏهن ته اسرائيل لبنان ۾ حملا وڌيڪ تيز ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو۔

جماعت ڪيترن ئي بيانن ۾ گهٽ ۾ گهٽ چار ڊرون حملن جي ذميواري قبول ڪئي، جن ۾ شمرا ڇانوڻي، اتر اسرائيل جي ٻن شهرن ۾ موجود ڇانوڻيون ۽ مصغاف عام فوجي اڏي کي نشانو بڻايو ويو۔

لبنان ۽ اسرائيل هن مهيني جنگبندي ۾ 45 ڏينهن جي واڌ تي اتفاق ڪيو هو، پر ان دوران به جهڙپون جاري رهيون۔

شروعاتي جنگبندي کان پوءِ هينئر تائين 10 اسرائيلي فوجي مارجي چڪا آهن، جڏهن ته لبنان ۾ ان ئي عرصي دوران شديد اسرائيلي گولاباري ۾ 400 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا آهن، جن ۾ وڏي انگ ۾ طبي عملي ۽ امدادي ڪارڪن شامل هئا۔

اسرائيل ان جي جواب ۾ سڄي لبنان ۾ هوائي مهم شروع ڪئي ۽ پوءِ زميني ڪارروائي ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ لبناني صحت واري وزارت موجب 3,185 ماڻهو مارجي ويا ۽ 9,633 زخمي ٿيا۔

Share This Article
Leave a Comment