لاهور: پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز شريف جي شريف ميڊيڪل سٽي اسپتال ۾ اهم سرجري ڪئي وئي آهي، جنهن بعد کيس گهر منتقل ڪيو ويو آهي.
عوام ۾ اهو سوال اٿي رهيو هو ته مريم نواز اوچتو سرجري ڇو ڪرائي؟ جنهن تي شريف خاندان جي ويجهن ذريعن انڪشاف ڪيو آهي ته وزيراعليٰ جي هيءَ ميجر سرجري ڳلي جي سخت تڪليف ۽ انفيڪشن جي ڪري ڪئي وئي آهي، ان کان اڳ نومبر 2024ع ۾ به هوءَ ان ئي تڪليف سبب اسپتال داخل ٿي هئي.
مريم نواز جي معالج ڊاڪٽر عدنان خان ٻڌايو ته سرجري جي پيچيدگي سبب کين ٻاهرين ملڪ علاج جو مشورو ڏنو ويو هو، پر مريم نواز لاهور ۾ ئي آپريشن کي ترجيح ڏني. سرجري کانپوءِ کيس هڪ رات آءِ سي يو ۾ رکيو ويو.
پنجاب جي سينيئر وزير مريم اورنگزيب ۽ وزيراعليٰ جي آفيس موجب، آپريشن جي باوجود مريم نواز عيد واري ڏينهن اسپتال ۽ گهر مان ئي صوبي ۾ سيڪيورٽي ۽ صفائي جي معاملن جي سڌوسنئون نگراني ڪندي رهي.
ياد رهي ته مريم نواز فيبروري 2024ع ۾ پاڪستان جي پهرين عورت وزيراعليٰ طور عهدو سنڀاليو هو.

مريم نواز سرجري ڇو ڪرائي؟ اصل سبب سامهون اچي ويو
Leave a Comment Leave a Comment

