هانيا عامر ۽ ثمن ڪامران فوربز جي 30 انڊر 30 ايشيا 2026 فهرست ۾ شامل

2 Min Read

پاڪستان جي مشهور اداڪاره هانيه عامر ۽ فلم ساز ثمن ڪامران کي فوربز جي معتبر ’30 انڊر 30 ايشيا 2026‘ واري فهرست ۾ انٽرٽينمينٽ (تفريح) ۽ اسپورٽس (راندين) واري ڪيٽيگري ۾ شامل ڪيو ويو آهي.
هيءَ فهرست هر سال 30 سالن کان گهٽ عمر جي انهن نوجوان شخصيتن کي ڀاٽا پيش ڪرڻ لاءِ جاري ڪئي ويندي آهي، جنهن پنهنجي پنهنجي شعبن ۾ نمايان ڪاميايون حاصل ڪيون هجن.
فوربز جي هيءَ 11هين سالياني فهرست آهي، جنهن ۾ ماضيءَ ۾ به پاڪستان سان تعلق رکندڙ ڪيترن ئي نمايان شخصيتن کي فن، فئشن ۽ انٽرٽينمينٽ جي شعبن ۾ شامل ڪيو ويو آهي.
اداڪاره هانيه عامر تازو ئي 2 ڪروڙن کان وڌيڪ فالوورز سان گڏ انسٽاگرام تي پاڪستان جي سڀ کان وڌيڪ فالو ڪئي ويندڙ خاتون بڻجي وئي آهي. هانيه عامر گذريل هڪ ڏهاڪي دوران ڊراما انڊسٽري ۾ نمايان مقام حاصل ڪيو آهي.
سندس تازو ئي مقبول ٿيل ڊرامي ’ڪڀي مئين ڪڀي تم‘ وڏي ڪاميابي حاصل ڪئي، جڏهن ته هوءَ جلد ئي نيٽ فلڪس جي پاڪستان مان پهرين اوريجنل سيريز ’جو بچي هين سنگ سميٽ لو‘ ۾ به جلوه گر ٿيندي. هانيه عامر اقوام متحده جي اداري برائي خواتين جي پاڪستان ۾ نيشنل گڊول ايمبيسڊر پڻ آهي.
ٻئي پاسي، فلم ساز ثمن ڪامران کي به سندس منفرد ۽ سماجي موضوعن تي ٻڌل ڪم جي ڪري هن فهرست ۾ جڳهه ملي آهي. ثمن ڪامران جي شارٽ فلم ’دي بيڊ شي ميڊ‘ کي بوسان انٽرنيشنل شارٽ فلم فيسٽيول لاءِ چونڊيو ويو هو، جيڪو پاڪستان جو واحد چونڊيل منصوبو هو. هيءَ فلم پاڪستان ۾ موسمي تبديلي (ڪلائيميٽ چينج) ۽ زرخيزي جي مسئلن جي پاڻ ۾ لاڳاپي کي نمايان ڪري ٿي. هوءَ ان کان اڳ فلم ’عمرو عيار: اي نيو بيگننگ‘ ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر طور به پنهنجون خدمتون سرانجام ڏئي چڪي آهي.
ياد رهي ته گذريل سال پاڪستان پاران انٽرٽينمينٽ ڪيٽيگري ۾ ڪا به نمائندگي نه هئي، تنهن هوندي به اولمپڪ گولڊ ميڊلسٽ ارشد نديم کي سندس شاندار اٿليٽڪ ڪاميابين تي هن فهرست ۾ شامل ڪيو ويو هو.

Share This Article
Leave a Comment