بندش پيل بي ايل اي جي عورت ڪمانڊر شهناز بلوچ کان گهرڀاتين پاران لاتعلقي جو اعلان

1 Min Read

تربت (ويب ڊيسڪ) بلوچستان ۾ سرگرم بندش پيل تنظيم بلوچ لبيريشن آرمي بشير زيب گروپ جي مبينا عورت ڪمانڊر شهناز بلوچ جي گهرڀاتين سندس غير قانوني سرگرمين کان مڪمل لاتعلقي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
تربت پريس ڪلب ۾ هڪ هنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي شهناز بلوچ جي ماءُ رخسانا، ڏاڏي، چاچي ۽ مامن واضح ڪيو ته سندن دهشتگردي يا ڪنهن به ملڪ دشمن ايجنڊا سان ڪو به واسطو ناهي ۽ هو پرامن پاڪستاني شهري آهن.
عورت ڪمانڊر جي ماءُ انڪشاف ڪيو ته شهناز بلوچ ننڍي عمر ۾ ئي عمان منتقل ٿي وئي هئي ۽ گذريل 12 سالن کان اسان جو ساڻس ڪو به رابطو ناهي، جڏهن ته سندس والد تڏهن ئي فوت ٿي ويو هو جڏهن هوءَ رڳو 9 مهينن جي هئي.
گهرڀاتين جو چوڻ هو ته کين شهناز جي ڪنهن به بندش پيل تنظيمن سان رابطن جي ڪا به خبر نه هئي ۽ نه ئي هو اهڙي ڪنهن عمل جي حمايت ڪن ٿا.
سيڪيورٽي ذريعن مطابق، دهشتگردن کان سندن ئي گهرڀاتين پاران اعلانيل لاتعلقي ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته عام بلوچ عوام هاڻ دهشتگردي جي ناسور مان تنگ اچي چڪي آهي.

Share This Article
Leave a Comment