اوگرا جي سنڌ-بلوچستان سرحد تي وڏي ڪارروائي، لکين ليٽر ذخيرو ٿيل پيٽرول ۽ ڊيزل هٿ

1 Min Read

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) آئل اينڊ گيس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) سنڌ ۽ بلوچستان جي سرحدي علائقي حب وٽ ڪارروائي ڪندي غيرقانوني طور تي ذخيرو ٿيل لکين ليٽر پيٽرول ۽ ڊيزل ضبط ڪري ورتو آهي.
اوگرا پاران جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب، هي پيٽرول ۽ ڊيزل حب جي مقام تي هڪ غيرقانوني آئل ڊيپو ۾ اسٽور ڪيو ويو هو.
اختيارين انڪشاف ڪيو آهي ته هڪ نجي ڪمپني جو هي آئل ڊيپو پڻ غيرقانوني طور ڪم ڪري رهيو هو، جنهن وٽ نه ته اوگرا جو لائسنس هو ۽ نه ئي بچاءَ واري وزارت پاران ڪو اين او سي جاري ٿيل هو.
اوگرا جي انفورسمينٽ ٽيم ڪارروائي ڪندي غيرقانوني آئل ڊيپو کي سيل ڪري ڇڏيو آهي.

Share This Article
Leave a Comment