پاڪستان آمريڪا جو مخلص دوست آهي: آمريڪي بچاءُ وارو وزير

3 Min Read

سنگاپور ( ويب ڊيسڪ ) آمريڪي بچاءَ واري وزير پيٽ هيگسيٿ چيو آهي ته ايران جهڙن عالمي معاملن ۾ مصروف هئڻ باوجود آمريڪا ايشيا تان پنهنجي توجهه نه هٽائي رهيو آهي ۽ خطي لاءِ پنهنجي دفاعي واعدن تي قائم آهي. هن چيو ته پاڪستان آمريڪا جو مخلص دوست آهي، وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل ڳالهين ۾ شاندار ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.

سنگاپور ۾ عالمي سيڪيورٽي ڪانفرنس دوران خطاب ڪندي آمريڪي بچاءَ واري وزير پيٽ هيگسيٿ اتحادي ملڪن کي يقين ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي ته آمريڪا خطي جي سلامتي ۽ دفاع لاءِ پنهنجي وابستگي برقرار رکيو پيو اچي، جنهن ۾ هٿيارن جي فراهمي بابت معاهدن تي عملدرآمد پڻ شامل آهي۔

 هي بيان اهڙي وقت سامهون آيو آهي جڏهن تائيوان لاءِ هڪ آمريڪي هٿيارن واري پيڪيج جي فراهمي معطل ٿيڻ سبب خدشا پيدا ٿيا هئا۔

هيگسيٿ هڪ ڀيرو ٻيهر ايشيا ۾ پنهنجن اتحادي ملڪن تي زور ڀريو ته هو پنهنجي دفاعي خرچن ۾ اضافو ڪن، پر ساڳئي وقت هن اهو به چيو ته آمريڪا خطي ۾ چين جي وڌندڙ فوجي طاقت کان واقف آهي، پر “غير ضروري ٽڪراءُ” کان بچڻ چاهي ٿو۔

آمريڪا جي عزم بابت خدشن جو ذڪر ڪندي آمريڪي وزير چيو ته ڪجهه ملڪ آمريڪا ۽ ان جي اتحادي ملڪن جي وچ ۾ فاصلا پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري سگهن ٿا ۽ آمريڪي وابستگي کي ڪمزور سمجهي سگهن ٿا۔

ان جي جواب ۾ هيگسيٿ چيو ته آمريڪي قومي دفاعي حڪمتِ عملي جو هڪ اهم حصو خطي ۾ پنهنجي فوجي موجودگي ۽ اثر برقرار رکڻ ۽ اتحادي ملڪن سان گڏجي ڪم ڪرڻ آهي۔

هن چيو ته ڪجهه ماڻهو اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪن ٿا ته اسان جون عالمي ذميواريون اسان کي هن خطي کان پري ڪري رهيون آهن، پر حقيقت ۾ ائين ناهي۔

هيگسيٿ زور ڏيندي چيو ته، “اسان هڪ ئي وقت ٻه ڪم سرانجام ڏيڻ جي صلاحيت رکون ٿا۔

خطي ۾ پنهنجن اتحادي ملڪن سان خاموش پر انتهائي سنجيده ۽ اثرائتي نموني تعاون جاري رکيو پيو اچي، جڏهن ته ساڳئي وقت پنهنجي عالمي ذميوارين کي به نڀائي رهيو آهي ته جيئن، سندس لفظن ۾، ايران ايٽمي هٿيار حاصل نه ڪري سگهي۔

Share This Article
Leave a Comment