نوشهرو فيروز (رپورٽر): ڀرياروڊ ڀرسان ديهه چانهين منومل جي ڳوٺ خان بهادر پٺاڻ ۾ ڪتي کي لٺ هڻڻ واري معمولي ڳالهه تان پٺاڻ ۽ جٽ برادري جي ٻن ڌرين ۾ خوني جهيڙو ٿي پيو. جهيڙي دوران لٺيون، سروٽا ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب عورت سميت پنج ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا.
زخمين ۾ جٽ برادري جا محمد رمضان ۽ مسمات عظمت، جڏهن ته پٺاڻ برادري جا غلام حيدر، اسلم علي ۽ شفقت علي شامل آهن. زخمين کي فوري طور تي ڀرياسٽي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي ٻن زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ سبب کين نوابشاهه اسپتال ريفر ڪيو ويو آهي.
ان سلسلي ۾ زخمي ٿيل غلام حيدر پٺاڻ ميڊيا کي ٻڌايو ته، اسان مالوند ماڻهو آهيون، جهنگ مان ٻڪريون چاري واپس اچي رهيا هئاسين ته رستي ۾ جٽ برادري جي گھرن وٽ ڪتي اسان جي ٻڪري کي چڪ هنيو. ڪتي کي ٻڪري کان ڇڏائڻ لاءِ لٺ هنئي سين ته جٽ برادري جي ماڻهن اسان مٿان حملو ڪري ڏنو ۽ پيرسن سميت ٽن ڄڻن کي زخمي ڪري وڌو.
رابطو ڪرڻ تي ڀرياروڊ پوليس ٻڌايو ته ٻنهي ڌرين جي جهيڙي ۾ 5 ڄڻا زخمي ٿيا آهن، جن کي علاج لاءِ ليٽر ڏئي اسپتال روانو ڪيو ويو هو. پوليس موجب ٿاڻي تي ٻنهي ڌرين جي اين سي داخل ڪئي وئي آهي ۽ واقعي جي وڌيڪ جاچ جاري آهي.

ڪتي کي لٺ هڻڻ تان پٺاڻ ۽ جٽ برادري ۾ جهيڙو، عورت سميت 5 ڄڻا زخمي
Leave a Comment Leave a Comment

