ڏهرڪي (رپورٽر) ڏهرڪي ڀرسان ڀاگو ڀٽو ريلوي پٽڙي وٽ هڪ عورت ۽ هڪ معصوم ٻار جا لاش هٿ آيا آهن.
اطلاع ملڻ تي ڏهرڪي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاشن کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي سول اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو.
پوليس موجب آخري اطلاعن تائين فوتين جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي، جڏهن ته واقعي جي مختلف رخن کان جاچ شروع ڪئي وئي آهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته پوسٽ مارٽم ۽ وڌيڪ جاچ کان پوءِ ئي موت جا سبب ۽ واقعي جي حقيقت سامهون اچي سگهندي.

ڏهرڪي ڀرسان ريلوي پٽڙي وٽ عورت ۽ معصوم ٻار جا لاش هٿ
Leave a Comment Leave a Comment

