خانواهڻ ڀرسان شادي تقريب ۾ فائرنگ، نوجوان گولي لڳڻ سبب مارجي ويو

1 Min Read

نوشهرو فيروز (رپورٽر) خانواهڻ ڀرسان ڳوٺ شاهنواز خشڪ ۾ شاديءَ جي تقريب دوران مبينا فائرنگ سبب هڪ ڄڻو مارجي ويو.
ايس ايس پي نوشهروفيروز مير روحل کوسو جي حڪمن موجب شادين ۾ فائرنگ تي پابندي هجڻ باوجود به فائرنگ جو سلسلو جاري رهيو.
فائرنگ دوران ڳچيءَ ۾ گولي لڳڻ سبب مجاهد خشڪ سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي هو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو.
علائقي واسين شادين جي تقريبن دوران فائرنگ تي مڪمل پابندي تي عمل ڪرائڻ ۽ قانون جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي جو مطالبو ڪيو آهي.

Share This Article
Leave a Comment