آمريڪا پاران ايران تي نيون پابنديون، چار شهري ۽ چار ڪرپٽو ايڪسچينجز بليڪ لسٽ

1 Min Read

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي خزاني واري کاتي ايران سان لاڳاپيل نيون پابنديون لاڳو ڪري ڇڏيون آهن.
نين پابندين ۾ چار ايراني شهري ۽ چار ڪرپٽو ڪرنسي ايڪسچينجز کي بليڪ لسٽ ڪيو ويو آهي.
آمريڪي اختيارين موجب، انهن ادارن سان مالي ڏيتي ليتي ڪندڙ پرڏيهي بئنڪون ۽ فرد به پابندين جي دائري ۾ اچي سگهن ٿا، جنهن سان عالمي مالي نظام تي به اثر پوڻ جو امڪان آهي.
ٻئي پاسي ايراني ميڊيا رپورٽن موجب، تهران اڃا تائين آمريڪا جي حتمي منصوبي جو باضابطا جواب نه ڏنو آهي، جڏهن ته اندروني سطح تي ان تي غور ۽ بحث جاري آهي.
مهـر نيوز مطابق ايران آمريڪي تجويز جو جائزو وٺي رهيو آهي ۽ ان ڳالهه تي زور ڏئي رهيو آهي ته ماضي جي تجربن کي نظر ۾ رکندي کيس رڳو اهڙو معاهدو قبول هوندو جنهن مان حقيقي ۽ ٺوس فائدا حاصل ٿي سگهن.

Share This Article
Leave a Comment