لاهور: عورت ٻئي مڙس سان هلي وئي، 8 ڌيئرون روئنديون رهجي ويون

1 Min Read

لاهور: (ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ هڪ اهم ڪيس جي ٻڌڻي دوران عورت شبنم بي بي کي پنهنجي ٻئي مڙس غلام حسين سان وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.
غلام حسين عدالت ۾ درخواست داخل ڪندي موقف اختيار ڪيو هو ته سندس زال کي اڳوڻي مڙس ۽ وارثن غيرقانوني طور پنهنجي تحويل ۾ رکيو آهي.
ٻڌڻي دوران شبنم بي بي عدالت آڏو بيان ڏنو ته هوءَ غلام حسين سان نڪاح ڪري چڪي آهي ۽ ساڻس گڏ رهڻ چاهي ٿي.
عدالت عورت جي بيان جي بنياد تي کيس پنهنجي مڙس سان وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.
فيصلي کان پوءِ عدالت ٻاهران جذباتي منظر ڏسڻ ۾ آيا، جتي شبنم بي بي جي پهرين شادي مان ڄاول 8 ڌيئرون روئنديون رهيون.
هڪ ڌيءَ ميڊيا سان ڳالهائيندي دعويٰ ڪئي ته سندن ماءُ عدالت ۾ کين سڃاڻڻ کان به انڪار ڪيو، جڏهن ته عدالتي حڪم بعد شبنم بي بي غلام حسين سان گڏ رواني ٿي وئي.

Share This Article
Leave a Comment