واشنگٽن: آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته هن ايران کي واضح پيغام ڏنو آهي ته هاڻي وقت اچي ويو آهي ته ٻئي ملڪ ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ هڪ معاهدي تي پهچن.
پنهنجي تازي بيان ۾ صدر ٽرمپ واضح ڪيو ته ايران گذريل 47 سالن کان جنهن طرزِ عمل تي هلي رهيو آهي، ان کي وڌيڪ جاري رکڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي ۽ موجوده حالتن ۾ سفارتي حل ئي اڳتي وڌڻ جو بهترين رستو آهي.
ڊونلڊ ٽرمپ ڳالهين ۾ رنڊڪ جي خبرن کي رد ڪندي چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ رابطا مسلسل جاري آهن.
هن وڌيڪ چيو ته ڳالهين جو سلسلو مختلف معاملن تي هلي رهيو آهي، پر اڃا اهو چوڻ وقت کان اڳ هوندو ته انهن ڳالهين جو حتمي نتيجو ڇا نڪرندو.
عالمي مبصرن موجب، انهن سفارتي رابطن جا وچ اوڀر ۽ عالمي سياست تي گهرا اثر پئجي سگهن ٿا.

ايران سان معاهدي جو وقت اچي ويو آهي، 47 سال پراڻو رويو هاڻي وڌيڪ نه هلندو: ڊونلڊ ٽرمپ
Leave a Comment Leave a Comment

