اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) 35 سالن کان وڌيڪ عمر وارين غير شادي شده عورتن کي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي۔
تفصيلن موجب، قومي اسيمبليءَ جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي ذيلي ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن دوران ڪميٽي ميمبر بلال مندوخيل چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ غير شادي شده عورتون شامل ناهن۔
بلال مندوخيل جو چوڻ هو ته سڀ کان وڌيڪ مدد جون حقدار اهي غير شادي شده عورتون آهن، جن جو ڪو به سهارو نه هوندو آهي۔
ان موقعي تي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي اختيارين ٻڌايو ته 35 سالن کان وڌيڪ عمر وارين غير شادي شده عورتن کي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ شامل ڪرڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، جيئن اهي به سرڪاري مالي سهائتا مان فائدو حاصل ڪري سگهن۔


