ميرپورخاص ( امجد خاصخيلي ) ميرپورخاص ۾ تعلقي سنڌڙي جي سيفل شاخ جي پڇڙيءَ جي آبادگارن کي پاڻي جي سخت کوٽ کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، جنهن خلاف هڪ آبادگار سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ ۾ آئيني درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي۔ عدالت لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن کي نوٽيس جاري ڪندي ايندڙ ٻڌڻي تي طلب ڪري ورتو آهي۔
سنڌڙي تعلقي جي سيفل شاخ جي پڇڙيءَ جَي آبادگار فيض محمد منگريو پنهنجي وڪيل ايڊووڪيٽ عبدالحفيظ مري معرفت سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ ميرپورخاص ۾ درخواست داخل ڪئي، جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته سيفل شاخ جي ٽيل وارن علائقن کي مقرر مقدار مطابق زرعي پاڻي فراهم نه ڪيو پيو وڃي، جنهن سبب هزارين ايڪڙن تي بيٺل فصلون متاثر ٿي رهيون آهن ۽ آبادگارن کي سخت مالي نقصان کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي۔
عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ايڊووڪيٽ عبدالحفيظ مري ٻڌايو ته درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته لاڳاپيل اختيارين کي ٽيل آبادگارن تائين انصاف جي بنياد تي پاڻي جي فراهمي يقيني بڻائڻ ۽ پاڻي جي مبينا غير منصفاڻي ورهاست جو نوٽيس وٺڻ جو حڪم ڏنو وڃي۔
سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ درخواست تي ابتدائي ٻڌڻي بعد سيڪريٽري آبپاشي سنڌ، مينيجنگ ڊائريڪٽر نارا ڪينال، ڊائريڪٽر نارا ڪينال بورڊ، ايگزيڪيوٽو انجنيئر نارا ڪينال ٿر ڊويزن، چيئرمين سيڊا، داروغا سيفل شاخ ۽ ايس ايڇ او سنڌڙي کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو آهي۔
عدالت سڀني ڌرين کي ايندڙ ٻڌڻي تي 10 جون تي طلب ڪندي لاڳاپيل رڪارڊ سميت پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي آهي۔
عدالت ٻاهران ڳالهائيندي آبادگار فيض محمد منگريو چيو ته عدالتي حڪم کان پوءِ کين سندن جائز حق ملندو ۽ زرعي پاڻي جي منصفاڻي فراهمي کي يقيني بڻايو ويندو۔


