جوهي: جابلو پٽي تي وسڪاري کانپوءِ نئين گاج ۾ چار فٽ چاڙهه، ڪاڇي واسي ٻهڪي پيا

1 Min Read

جوهي (ويب ڊيسڪ) جوهي ۽ ان جي ڀرپاسي واري جابلو پٽي تي ٿيل تازي تيز برسات کانپوءِ نئين گاج ۾ چار فٽ تائين پاڻي جو چاڙهه آيو آهي ۽ پاڻي ڪاڇي واري علائقي ۾ داخل ٿي ويو آهي.
نئين گاج ۾ پاڻي اچڻ کانپوءِ ڪاڇي جي سڪل ۽ ڏڪار واري علائقي جي واسين جا مرجهايل چهر خوشي مان ٻهڪي پيا آهن.
هي پاڻي مقامي زرعي زمينن کي آباد ڪرڻ ۽ پيئڻ جي کوٽ کي ختم ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو.
ٻئي طرف گاج ۾ چاڙهه کانپوءِ مالوند ماڻهن ۾ خوشي جي وڏي لهر ڇائنجي وئي آهي، ڇاڪاڻ ته هي برساتي پاڻي هن جابلو ۽ صحرائي پٽي جي مال مويشي ۽ چاري لاءِ زندگي جي نئين اميد کڻي آيو آهي.

Share This Article
Leave a Comment